درگداس بي. آڏواڻي

درگداس بي. آڏواڻي

درگداس بي آڏواڻي

درگداس بي. آڏواڻي: ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي اڳوڻي ميئر، سياسي، سماجي ۽ واپاري اڳواڻ درگداس ولد ڀوڄراج مل آڏواڻيءَ جو تعلق سنڌ سان هو. سندس والد جي جنم ڀومي ڪراچي هئي. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ آرڪيٽيڪٽ هو، پر سماجي، سياسي ۽ واپاري شخص طور مشهور ٿيو. درگداس ڊي. جي. ڪاليج مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس والد هندستان جو مشهور فوٽوگرافر هو. سندس ڏاڏو ديوان ڪيولرام سنڌ ۾ مختيارڪار هو، جيڪو هڪ سٺو اديب به هو. ديوان درگداس سماجي ڪمن جي شروعات سنڌ سڀا جي پليٽفارم تان ڪئي. هو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جو سرگرم رڪن هو. 1908ع کان 1920ع تائين سنڌ ۾ مختلف موضوعن تي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون رهيون، جـن ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور آڻڻ لاءِ هن ڪوششون ورتيون. 28 آگسٽ 1920ع تي حيدرآباد ۾ ’تحريڪ عدم تعاون‘ (نان ڪوآپريشن موومينٽ) لاءِ سڏايل ڪانفرنس جي صدارت هن ڪئي هئي.
1913ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس منعقد ٿيو ته هي انهيءَ اجلاس جي آڌرڀاءُ ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. هي 1930ع کان ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيل ستياگرهه هلچل ۽ بعد ۾ ’هندستان خالي ڪريو‘ هلچل ۾ سرگرم ڪارڪن رهيو. ’هندستان خالي ڪريو‘ هلچل جي اعلان سان گڏ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي مظاهرا ٿيا، جن ۾ ڪيترا سياسي ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ انهن تي پوليس جي وحشياڻي ڪارروائي ٿي، جنهن سبب ڪيترا ڪارڪن شهيد به ٿيا هئا. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي واپارين پاران شاهديون جمع ڪرائڻ ۽ رپورٽ ٺاهڻ لاءِ 13 آگسٽ 1942ع تي هڪ ست رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو ميمبر درگداس ڀوڄراج هو. مارچ 1931ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ نيشنل ڪانگريس جو ٽن ڏينهن وارو پنجيتاليهون اجلاس منعقد ٿيو هو، ان جي انتظامن ۾ ديوان ڀوڄراج آڏواڻيءَ جو هٿ هو. ان اجلاس جي موقعي تي هن آرڪيٽيٽ جي حيثيت سان هڪ خوبصورت عارضي شهر جو نقشو به جوڙيو، جنهن جو نالو ’ڪانگريس ۽ هرچندراءِ نگر‘ رکيو ويو، جنهن جي نگرانيءَ جي ذميواري جمشيد نسروانجي ميهتا کي ڏني وئي. انهيءَ اجلاس جي صدارت سردار ولڀ ڀائي پٽيل ڪئي. ديوان درگداس جو شمار ڪراچيءَ جي انهن چند اهم واپارين ۾ ٿيندو هو، جن ’ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن‘ ۽ ’ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئيشن‘ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي 1910ع ڌاري پهريون ڀيرو ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پوءِ مختلف ڪميٽين جو صدر پڻ رهيو. هن ڪراچيءَ جي لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ غريب ٻارن لاءِ ’ڊي. بي. آڏواڻي، پرائمري اسڪول‘ به قائم ڪيو، جنهن کي هاڻي سچل ڳوٺ ۾ منتقل ڪري آندو ويو آهي. هن ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ ٺهرايو، جنهن جو افتتاح به هن پاڻ ڪيو هو. ديوان درگداس، 10 جنوري 1930ع تي ڪراچي ضلعي جي سطح تي ٺهندڙ ضلعي ڪو آپريٽوِ انسٽيٽيوٽ جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هو، جنهن اداري جو پهريون صدر جمشيد نسروانجي ميهتا ۽ سيڪريٽري جي. ايم. سيد هو. هي ڪيترا سال سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽوِ بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر رهيو. ڪوآپريٽوِ بئنڪ ۽ سوسائٽيءَ جي ترقيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. هي 4 مئي 1937ع تي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو بنا مقابلي ميئر به چونڊيو ۽ 4 مئي 1938ع تائين ان جو صدر رهيو.
ورهاڱي بعد ديوان گرداس 1948ع ڌاري هندستان وڃي اُتي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.08.28  عيسوي

28 آگسٽ 1920ع تي حيدرآباد ۾ ’تحريڪ عدم تعاون‘ (نان ڪوآپريشن موومينٽ) لاءِ سڏايل ڪانفرنس جي صدارت هن ڪئي هئي.


1930.01.10  عيسوي

ديوان درگداس، 10 جنوري 1930ع تي ڪراچي ضلعي جي سطح تي ٺهندڙ ضلعي ڪو آپريٽوِ انسٽيٽيوٽ جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هو، جنهن اداري جو پهريون صدر جمشيد نسروانجي ميهتا ۽ سيڪريٽري جي. ايم. سيد هو.


1937.05.04  عيسوي

هي 4 مئي 1937ع تي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو بنا مقابلي ميئر به چونڊيو ۽ 4 مئي 1938ع تائين ان جو صدر رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽپٽائي مولوي عبدالله
الهبچايو لاسي
ڪمار شاهاڻي
بيگم حسن آرا
ٽالپر حاجي محمد بخش
چوڌري شجاعت حسين
سترامداس ڪولهي پٽيل
امام اوزاعي سنڌي
دراني آغا عطا محمد
علي نواز خان ڌاريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون